پوپ گريگوري

پوپ گريگوري (1020-1085ع): پاپائيت ۾ مکيه سڌارا آڻڻ واري مرڪز ۾، ٽيهه سال خدمت ڪرڻ کان پوءِ هائيلڊ برانڊ بونيزو، گوريگو ستين جي نالي سان پوپ ٿيو. هو تاريخ جو سچ پچ هڪ اهڙو ڊرامائي ڪردار هو، جنهن پوپ جي عهدي جو مان ايترو ته وڌائي ڇڏيو، جنهن جو ان کان اڳ ڪو مثال ڪونه ٿو ملي. ڪينوسا جي تاريخي جنگ کان پوءِ، يورپ جي وڏي ۾ وڏي حاڪم مجبور ٿي هن اڳيان گوڏا کوڙيا.
هائيلڊ برانڊ بونيزو، هڪ غريب لومبارڊ ڊکڻ جو پٽ هو ۽ ترقي ڪري ٽيهن سالن جي ڄمار ۾ پوپ گريگوري 4 جو سرڪاري پادري مقرر ٿيو. انهيءَ زماني ۾ پاپائيت جي حيثيت هيٺانهين هئي. جيئن ته پوپ کي روم جو عوام ۽ پادري چونڊيندا هئا، تنهنڪري ان عهدي تي گھڻو ڪري چرچ جي وفادار ماڻهن بدران چالاڪ رومي سياستدان چونڊجي ايندا هئا. چرچ کي سڌارڻ جي ضرورت هئي. عظيم شهنشاھه هينريIII ان ۾ سڌاري جو ذمو کنيو. شهنشاھه سڌارا آڻڻ لاءِ چار پوپ مقرر ڪيا. انهن مان عظيم ترين پوپ ليو (1049-1054ع)، سڌارا آڻيندڙ ڪارڊينل مقرر ڪيا. هن هائيلڊ برانڊ بونيزو کي، جيڪو اڃا تائين آرڪ ڊيڪن هو، مٿي آڻي پاپائيت جي انتظامي سرشتي ۾ شامل ڪيو. ليو روم ۾ ساليانيون ڪانفرنسون سڏائڻ شروع ڪيون، جن جا فرمان صوبائي ۽ مذهبي ڪائونسلن وسيلي، سڄي يورپ ۾لاڳو ڪيا ويندا هئا.
آرڪ ڊيڪن هائيلڊ برانڊ بونيزو جي صلاح تي نڪلوس، ڪارڊينلن جي ڪاليج وسيلي پوپ جي چونڊ جو سرشتو شروع ڪيو، جنهن مطابق روم جي سياستدانن کان چونڊن ۾ بيهڻ جو ۽ شهنشاھ کان امين ٿيڻ جو حق کسيو ويو هو. اليگزيندر 2، (1061-1073ع) مخالفت بدران حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺي سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هائيڊل برانڊ انهيءَ تي کامڻ لڳو. جڏهن اڳيون پوپ وفات ڪري ويو، تڏهن روم جي عوام پوپ طور سندس جئڪار ڪئي ۽ هو هڪ ڳجھيءَ مجلس وسيلي پوپ چونڊجي ويو.
پوپ گوريگوري هڪ طرف بندرو، ٿلهو، سانورو ۽ ڏاڍو گدلو هو پر ٻئي طرف ڏاڍو لائق ۽ طاقتور هو. سندس ڏينهن ۾ پوپ ليو جو جاري ڪيل رومن ڪائونسلن ۽ صوبائي مذهبي ڪائونسلن وارو سرشتو وري بحال ڪيو ويو ۽ مذهبي خريد و فروخت، پادرين ۽ راهبائن جي شادين تي بندش وجھڻ جا سخت فرمان جاري ڪيا ويا. بعد ۾ گريگوري 1075ع ڌاري ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ڪنهن به عام ماڻهو پادري واري عهدي کي خريدڻ لاءِ ڪا سيڙپ ڪئي ته کيس نيات مان ڪڍيو ويندو. اِهو چئلينج جرمن بادشاھه کي ڏنو ويو.
پوپ طرفان مذهبي نيات مان ڪڍڻ واري ڌمڪيءَ جي جواب ۾ هن وارمس جي مذهبي ڪائونسل سڏائي، جنهن اعلان ڪيو ته ”گريگوري هاڻي پوپ نه رهيو آهي.“ گريگوريءَ انهيءَ جي جواب ۾ هينري کي مذهبي نيات مان ڪڍي کيس تخت تان لاهڻ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو سندس عوام اڄ کان پوءِ سندس تابعداري کان ڇٽل آهي. جرمن باغين پوپ کان، نئين بادشاهه چونڊڻ جي گھر ڪئي.
جنوري 1070ع ۾پوپ اُتر طرف ويندي ڪنوسا ۾ جڏهن ساهي پٽڻ لاءِ ترسيل هو، تڏهن هينري هڪ توبهه تائيب ٿيندڙ شخص جي حيثيت ۾ وٽس آيو. گريگوريءَ کي چٽي طرح ڄاڻ هئي ته بادشاھ کي ڇوٽڪاري ڏيڻ سان خود سندس پنهنجي سياسي حيثيت به جرمنيءَ ۾ ڪمزور ٿي ويندي، پر هن اِهو به ڄاتو ٿي ته ڪنهن پشيمان گنهگار تي رحم کائي کيس معاف ڪرڻ به سندس مقدس فرضن ۾ شامل هو ۽ هُو انهيءَ فرض کان ڪنڌ ڪڍائي نه ٿو سگھي. بادشاھه کي نيات مان ڪڍڻ وارو حڪم رد ڪيو ويو ۽ هو باغين سان وڙهڻ لاءِ موٽي ويو. گريگوري ٻنهي ڌرين کي حڪم ڪيو ته ٻئي کيس پنهنجو امين ڪري مڃين. جڏهن هينري انڪار ڪيو، تڏهن کيس وري تخت تان لاٿو ويو. هُن 1080ع ۾ ريوينيا جي آرچ بشپ کي ڪليمينٽ III جي لقب سان پوپ مقرر ڪيو.
ٽن سالن کان پوءِ هينري روم تي ڪاهه ڪري سينٽ پيٽرس جي ديول ۾ ڪليمينٽ کي پوپ طور مقرر ڪيو ويو، جنهن کيس شهنشاهيت جو تاج پارايو. گريگوري سينٽ اينگلو جي قلعي ۾ وڃي پناھه ورتي. هُن نارمن اڳواڻ رابرٽ گسڪارٽ کي ذليل ٿي مدد جي اپيل ڪئي، ڇو ته هو ان اڳواڻ کي به پوپ جون زمينون ڦٻائڻ ڪري اڳي ئي نيات مان ڪڍي چڪو هو. نارمن فوجين پوپ جي مدد ڪئي. انهن روم کي پڻ ڏاڍي بيدردي سان لُٽيو. رومن، جيڪي گھڻي وقت کان پنهنجي پوپ جا وفادار هئا، سي ڦري سندس خلاف ٿي بيٺا. تنهنڪري گريگوريءَ کي پنهنجن ’نارمن محافظن‘ سان گڏ روم ڇڏي وڃڻو پيو. هُو 1080ع ۾ سالرنو ۾ هي لفظ چوندي وفات ڪري ويو: ”مون نيڪيءَ سان پيار ڪيو ۽ بدي کي ڌڪاريو تنهنڪري جلاوطنيءَ ۾ مران ٿو.“
جيتوڻيڪ گريگوريءَ جو موت هڪ ڏکوئيندڙ موت هو، پر سندس فساد پيدا ڪندڙ ۽ سرڪش حڪمن وچين صدين واري پاپائيت جي عظمت جو بنياد رکيو. هُو ڪنوسا چرچ جي اختيار جي اهڙي علامت بڻجي ويو، جنهن کي عيسائي يورپ ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھي. گريگوري7 واري دؤر، پاپائيت جو مان ۽ مرتبو وڌائي، کيس هڪ نئين حيثيت ڏياري ۽ ماضيءَ جي غلطين کي درست ڪرڻ لاءِ به انهيءَ دور ۾ گھڻو ڪم ٿيو.


لفظ پوپ گريگوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو